Sunday, May 3, 2015

Dr Darshan Lal MNA, Pakistan Muslim league and Acting Vice-Chancellor Prof. Dr. Muhammad Saffar Mirjat


Date: 02.05.2015
Sindh Agriculture University (SAU) Tandojam, distributed laptops among students of undergraduate degree program on Saturday, provided by the Higher Education Commission (HEC) as part of the Prime Minister’s Laptop Scheme.

Dr Darshan Lal MNA, Pakistan Muslim league and Acting Vice-Chancellor Prof. Dr. Muhammad Saffar Mirjat with University officers and other personalities handed over the laptops to the students in a ceremony held at University Senate hall.
Among others, the representative of Higher Education Commission (HEC) Naeem Ahmed Bhutto, Dean Dr Noor Muhammad Soomro, Dean Dr Maqsood Anwer Rustmani, Dean Dr Saghir Ahmed Shaikh, and Dean Dr Zaheeruddin Mirani, also participated in the ceremony.

Addressing to event Dr Darshan Lal said that the policy of their Government is to support young generation, through different programs like laptop distribution scheme, interest less loans, technical and business trainings, business loans and also through Benazir income support programs, He said that he is happy to listen that and it shows talent that the big number of university scholars are getting higher education abroad, in famous varsities of world,

Dr Muhammad Saffar Mirjat Acting Vice Chancellor said into his speech that SAU is university of poor students and generation from rural areas, who are getting education and doing research in Agriculture, live stock and other different subjects, he said that after receiving laptops, students will get more opportunities of research, and they have to use this device as search engine. Dr. Mirjat expressed hope that the students who received laptops will do their best to promote research on the campus and get benefit from the tens of thousands e-books, research articles and thesis which are available on the internet.

Focal person for the scheme at Sindh Agriculture University Dr. Aijaz Ali khuharo said that in first phase which included distribution of laptops to students post graduate program; and now the undergraduate students are getting laptops through their academic merit.
Dr A G Arijo and Angel Christina perform as compare of session.

(PUBLIC RELATIONS OFFICER)






Wednesday, February 25, 2015

2nd International Conference on Agriculture Food And Animal Science(at SAU)








کاڌ خوراڪ ۽ چوپائي مال بابت سائنسي ڪانفرنس

ٽنڊوڄام(پ ر) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ميزباني هيٺ، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان ٻي عالمي زرعي، کاڌ خوراڪ ۽ چوپائي مال بابت سائنسي ڪانفرنس شروع ٿي وئي آهي، جنهن ۾ جرمني، آسٽريليا سميت دنيا جي مختلف ملڪن توڙي ملڪ جي مختلف ادارن جي زرعي ماهرن، سائنسدانن، وٽرينيرين، مرغباني، ماحوليات، آبپاشي ۽ زرعي انجنيئرنگ سميت مختلف شعبن سان سلهاڙيل محققن جو وڏو انگ شريڪ ٿيو آهي، هن ڪانفرنس جو افتتاح مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ڪيو، مک آڊيٽرويم هال ۾ رٿيل افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر اسلم عقيلي چيو ته عالمي دنيا ماڻهن جي غربت،بک بدحالي، اڻپوري کاڌي ۽ وڌندڙ آبادي توڙي ماحوليات جي مامرن تي انتهائي خبردار ٿي وئي آهي ۽ خاص طور تي ترقي پذير ملڪن ۾ اهڙين حالتن تي ڳڻتي جو شڪار آهي ۽ ان ڪري اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ تحقيقي مد ۾ ماهرن جو گڏ ويهڻ لازمي آهي، هن چيو ته اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن کي غربت ۽ خوراڪ جي ڪمي کي ختم ڪرڻ لاءِ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ کي هٿيار جي طور استعمال ڪرڻو پوندو ،ان ڪري اهڙن شعبن تي تحقيق ۽ انهن جي توسيع لازمي آهي، هن ٻڌايو ته تحقيقي تبديلين جي مٽا سٽا لاءِ انٽرنيشنل لنڪيج پروگرام سان گڏ مقامي ادارن جي وچ ۾ ڳانڍاپو اڻ ٽر آهي، ايڪانامڪ ڪوآپريشن آرگنائزيشن (ايڪو) سائنس فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر منظور حسين سومري چيو ته عالمي ادارن ۽ صنعتي ادارن سان سلهاڙجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ صنعتي ادارن کي ملڪ جي هن قسم جهڙين يونيورسٽين سان سهڪار ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته دنيا ترقي پذير ملڪن جي مسئلن خاص طور تي خوراڪ جي ڪمي ۽ ماحوليات وارن مسئلن تي فني سهڪار جي خواهشمند آهي، ان ڪري ماڻهن جي معاشي ترقي لاءِ زراعت، لائيو اسٽاڪ جي شعبن جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته وڌندڙ آبادي مستقبل ۾ خوراڪ ۽ غربت جهڙن مسئلن ۾ گهيري ڇڏيو آهي، ۽ ادارن ۽ ماهرن جي ذميواري آهي ته محدود وسيلن کي ماڻهن جي بهتري لاءِ ڪتب آڻين،  ۽ اسان کي پنهنجي تحقيق کي عالمي تحقيق گهرجن پٽاندڙ بڻائڻو پوندو، هن چيو ته دنيا جتي گلوبل وارمنگ، ماحولياتي آلودگي ۽ دهشتگردي کي چيلينج سمجهي رهي آهي اتي خوراڪ جي کوٽ  کي ان کان وڌيڪ خطرو سمجهي ٿي، جڏهن ته  عالمي ادارا ان تي مڪمل توجهه ڏئي رهيا آهن،  ان ڪري اسان جي سائنسدان کي به پنهنجي نسلن کي بک وگهي اجل جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اڳواٽ پنهنجي تحقيق جو تعين ڪرڻو پوندو، ۽ دنيا جي سائنسدانن کي گڏ وهي مسئلن جو حل ڳولهڻ گهرجي، هن چيو ته هي ڪانفرنس سڀني حصيدارن کي گڏ ويهارڻ ۽ سوچڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندي، وائيس چانسلر ٻن سالن ۾ عالمي ۽ هر سال ۾ ملڪي ڪانفرنس ڪرائڻ جو به اعلان ڪيو، ٻئي طرف جسٽس لائيبگ يونيورسٽي جيسن جرمني کان آيل پروفيسر ڊاڪٽر جير هارڊ شولر ۽ يونيورسٽي آف ڪولون جرمني ۽ جرمن سوسائٽي آف اسٽين سيل ريسرچ جي صدر ڊاڪٽر جرگن هيشلر پڻ پنهنجا مقالا پڙهيا، جڏهن ته ڊاڪٽر منظور سومري پنهنجي اداري پاران يونيورسٽي جي ٻن ضرورتمند ۽ قابل شاگردن لاءِ سال ۾ ٻه اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، هوڏانهن ميزبان ۽ مهمان شخصيتن مک آڊيٽوريم هال اڳيان لڳايل زرعي، سائنسي، مالياتي ۽ انجنيئرنگ ادارن پاران لڳايل نمائش جو افتتاح پڻ ڪيو، تقريب ۾ آسٽريليا جي ڊاڪٽر طارق، زرعي يونيورسٽي فيصل آباد، سنڌ يونيورسٽي، زرعي تحقيق، زرعي ريسرچ  بين ادارن جي سربراهن، آبادگارن، اتان، شاگردن ۽ خانگي شعبي جي مختلف ڪمپنين جي وفدن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، تقريب بعد ٽيڪنيڪل سيشن به شروع ڪيون ويون، جنهن ۾ عالامي ماهرن پاران وڊيو لنڪ ۽ وڊيو ڪانفرنس وسيلي پنهنجا مقالا پيش ڪيا.